
سنڌي ذھين ڪوش
سنڌي لفظن، معنائن، سمجهاڻين ۽ سمارٽ ڳولا لاءِ هڪ جديد ڪوش، جيڪو عام صارف کان وٺي مشيني ذھانتن جي ايپليڪيشنن تائين فائديمند آھي.
رٿا کوليو ↗
سنڌي لئنگئيج ڊاٽ آرگانڊسين ٽيڪنالاجيز جي ھڪ وڏي رٿا
سنڌي ٻوليءَ کي جديد سرشتن ۾ آڻڻ لاءِ ھڪ آجو، ڪم ڀرو، آن لائين ۽ عملي جامع مرڪز آهي؛ جتي سنڌي ٻوليءَ جا ٻول، گرامر سميت، انهن جون معنائون، بڻياد، ٻولن تي مشتمل رانديون، ڊيٽاسيٽَ ۽ مشيني ذھانت ۾ ڪتب ايندڙ وسيلا، دنيا جي محققن، ڊولپرن، شاگردن ۽ ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙن لاءِ گڏ ڪيا ويا آهن.

سنڌي ٻوليءَ جي جدت لاءِ هن پليٽفارم جو بنيادي مقصد اسان جي ٻوليءَ کي عالمي ڊجيٽل تحقيقي سرشتن، سرچ انجڻين، مشيني ذھانت جي ماڊلن، لسانياتي تحقيقن، تعليم تي آڌاريل اوزارن ۽ مشيني پڙهت/سمجهہ جي سرشتن ۾ سگهاري نموني سان شامل ڪرڻ آهي.

سنڌي لفظن، معنائن، سمجهاڻين ۽ سمارٽ ڳولا لاءِ هڪ جديد ڪوش، جيڪو عام صارف کان وٺي مشيني ذھانتن جي ايپليڪيشنن تائين فائديمند آھي.
رٿا کوليو ↗
سنڌي لفظن کي سکڻ، ياد رکڻ ۽ تخليقي انداز ۾ ڪتب ڪرڻ لاءِ موبائل يا وڏي اسڪرين موجب تعليمي رانديون.
رٿا کوليو ↗
سنڌي لفظن جي پاڙن سميت، انهن جي تاريخي لاڳاپن، صوتياتي تبديلين ۽ لساني ڳانڍاپن بابت هڪ تحقيقي رخ.
رٿا کوليو ↗
سنڌي لفظن، معنائن ۽ لغوي مواد جو وسيع ڳانڍاپو، جنھن کي مستقبل ۾ مشيني ذھانت ۽ لساني تحقيقي اوزارن سان وڌيڪ ڳنڍي سگهجي ٿو.
رٿا کوليو ↗
سنڌي ٻوليءَ جي لکين لفظن، انهن جي معنائن ۽ گرامر تي مشتمل ترتيب ڏنل ذخيرو، جيڪو مشيني ذھانت، لساني تجزيي ۽ تحقيق لاءِ بنيادي ذريعو بڻجي سگهي ٿو.
رٿا کوليو ↗
سنڌي متن، راءِ، تبصرن ۽ سماجي ميڊيا جي تحريرن ۾ مثبت، منفي ۽ غيرجانبدار لاڙن کي سمجهڻ لاءِ مشيني ذھانت جو اوزار.
رٿا کوليو ↗
سنڌي عربي ۽ ديوناگري ٽيڪسٽ بدلڻو، جيڪو ٻنهي لپين ۾ لکيل مواد کي اک ڇنڀ ۾ گهربل لپيءَ ۾ بدلائي ٿو.
رٿا کوليو ↗
سنڌي خبرن، صحافت، مواد جي ترتيب ۽ جديد ڊجيٽل پبليشنگ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو نئون پريس/ميڊيا پليٽفارم.
رٿا کوليو ↗اسان جا سنڌي ٻوليءَ جا مکيہ ڊيٽاسيٽ دنيا جي معتبر تدريسي، تعليمي ۽ ڊيٽا سائنس پليٽفارمن تي مشيني ذھانت جي ماڊلن ۽ ڊولپرن لاءِ موجود آهن.
سنڌي ڪوش، ٻولن جي بڻيادن ۽ ترتيب ڏنل ڊيٽاسيٽ ذريعي سنڌيءَ تي صرفي، نحوي ۽ لسانياتي تحقيق لاءِ جامع ڄاڻ.
سنڌي ٻوليءَ جي ايپليڪيشنن، ڳولا، چيٽ بوٽس، سکيا جي سرشتن ۽ مشيني ذھانت لاءِ بنيادي ٻوليائي وسيلا.
ٻولن جون رانديون، ذهين ڪوش ۽ سولي پھچ ذريعي سنڌي سکيا کي جديد، دلچسپ ۽ موبائل فرينڊلي بڻائڻ.
سنڌي متن کي مشيني سمجهہ، استعمال، تجزيي ۽ نيورل سرشتن ۾ آڻڻ، تہ جيئن سنڌي عالمي ڊجيٽل دنيا ۾ اڳڀري رهي.
سنڌي لئنگئيج ڊاٽ آرگ سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽل آئيندي لاءِ هڪ کليل سڏ آهي. محقق، استاد، ڊولپر، شاگرد ۽ ٻوليءَ جا خدمتگار هن پليٽفارم سان ڳنڍجي سنڌي ٻوليءَ جي علمي، لسانياتي ۽ ٽيڪنالاجيءَ آڌاريل واڌاري ۾ ساٿ ڏئي سگهن ٿا.